رانئڪن جو مقام

رانئڪن جو مقام: هيءَ غيبي ديري جي تاريخي قبرستانن مان هڪ آهي، جيڪو قنبر شهر کان 35 ڪلوميٽر ۽ غيبي ديري کان چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. هن قبرستان ۾ چانڊيا قبيلي جي نوابن سردارن جا مقبرا آهن، هي مقبرا پڪين ۽ سهڻين سرن سان ٺهيل آهن، جن جي اندرئين حصي ۾ سنڌ جي قديم زماني واري چٽسالي ٿيل آهي ۽ سهڻن اکرن ۾ قرآن شريف جون آيتون لکيل آهن. هي سنڌ جي وڏن ۽ قديم قبرستانن مان هڪ آهي. مقبرن تي ڪتبن نه هجڻ ڪري يا زبون ٿي وڃڻ ڪري عام زيارتين کي مقبرن ۽ قبرن جي تاريخي اهميت ۽ سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي، هن تاريخي قبرستان ۾ چانڊين ۽ ٻين قبيلن جي اهم شخصيتن ۽ ٻين ذاتين جي معززن جون مزارون آهن، جن ۾ قابل ذڪر ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا:
• سردار غيبي ڏاتا خان، وفات: 1291هه/ 1870ع
• سردار غيبي محمد خان اول: وفات 1310هه/ 1893ع
• ولي محمد خان، وفات: 1310هه/ 1893ع
• سردار خان ولد سردار محمد خان: وفات 1314هه/ 1895ع
شاهه محمد خان اول، وفات 1330هه/ 1913ع
• نواب سر غيبي علي نواز خان، وفات: 4 ڊسمبر 1954ع
• غيبي مير محمد خان (ٻيو)، وفات: 1317هه/ 1900ع
• مولانا محمد يونس سمو، وفات: 1270هه/ 1854ع
• مسو فقير ٻرڙو، وفات: 1229هه/ 1852ع
پنهون فقير ٻرڙو، وفات: 1102هه/ 1690ع
سيد عبدالواسع شاهه بخاري، وفات: 1107هه/ 1695ع
• علي بيگ فقير تنيو، وفات: 1109هه/ 1698ع
ان کانسواءِ وريو فقير خاصخيلي، ڪيهر فقير، شڪل فقير لاکي، آچو فقير مجاور، ڪمال فقير جانوريءَ ۽ ٻين جا مقبرا ۽ مزارون هن رانڪ ۾ آهن. هن رانڪ جو ذڪر ليکڪ رياضت ٻرڙي پنهنجي ڪتاب ’قمبر هڪ اڀياس‘ ۾ به ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو